صاحب دولت مائي

صاحب دولت، مائي: سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه ڪيتريون ئي شاديون ڪيون، سندس هڪ گهرواري ڪڇ جي راءِ خاندان مان هئي. پر احوال صرف هڪ بيگم، مائي بهو بيگم جو ملي ٿو، جنهن جو لقب ‘صاحب دولت مائي’ هو. عام ماڻهو ۽ سلطنت جا وزير، امير پڻ هن کي ‘صاحب دولت’ جي نالي سان سڏيندا هئا. هيءَ جان نثار گوجر جي ڌيءُ ۽ نواب الهداد خان گوجر جي سڳي ڀيڻ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو